جاءِ وڻ

جاءِ وڻ: هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي. هيءُ وڻ عشق پيچان جي ول وانگر پکڙجندڙ آهي. هن جو گل اڇو ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. حڪيمن جي چوڻ موجب هن جو گل دل ۽ دماغ کي فائدو ڏئي ٿو، جگر ۽ معدي کي تقويت ڏئي ٿو، وات کي خوشبودار ڪري ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، پيشاب جي گهڻائي، کنگهه، مٿي جي سور، ٻرهل جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. نزلي کي خشڪ ڪري ٿو. سندن خيال موجب گرميءَ سبب مٿي ۾ سور پوي ته هن جا گل سنگهڻ گهرجن، پن ۽ پاڙ ڪاڙهي پيارجي ته اُلٽين کي روڪيندو. کنگهه دمڪشيءَ ۾ فائدو ڪندو، چٽيءَ وارين جاين تي مهٽجي ته داغ صاف ٿي ويندا.



هن صفحي کي شيئر ڪريو